اڃان بہ قائم

Directed by Mirko Pincelli

Still Standing

Children,
of the same earth
of the same land
of the same river

ڪردار

سھائي ابڙوڪراچي سنڌ پاڪستان سان تعلق رکندڙ، سنڌي مسلم، ڊانسر، ايڪٽريس، ۽ پرفارمنگ آرٽسٽ آھي اھا خدا بخش ابڙي جي ڌي آھي جيڪو وزيول آرٽسٽ، ايڪٽوسٽ ۽ ڪالم نگار آھي. ۽ ھوءَ عطيہ دائود جي بہ ڌي آھي. جيڪا ليکڪا، شاعرا ۽ ايڪٽوسٽ آھي. پنھنجي تھذيب جي پاڙن سان پاڻ کي جوڙڻ لاءِ، سھائي سنڌ ۾ سفر ڪندي آھي ۽ ھوءَ پاڻ کان سوال ڪري ٿي تہ سنڌي ٿيڻ جو مطلب ڇا آھي؟! ۽ اڄ سنڌ ڪھڙن حالتن مان گذري پئي. ھوءَ پنھنجي سفر جي دوران انھيءَ تي بہ سوچي ٿي تہ ھڪ انسان ٿيڻ ڇا آھي؟.. سوچ جي انھن ڪڙين کي پيغام جي صورت ۾ آرٽ ذريعي عام ماڻھن تائين پھچائڻ چاھيندي آھي.

جگديش آھوجا

سنڌي ھندو سياستدان ۽ ايڪٽوسٽ آھي، جنھن پنھنجي پوري زندگي انھيءَ لاءِ جدوجھد ڪئي آھي تہ ھڪ آزاد سنڌ ھجي جنھن ۾ ايڪتا ھجي ٻڌي ھجي. ۽ گڏگڏ ھو سنڌي ڪلچرجي واڌ ۽ ڦھلاءَ لاءِ سنڌين ۾ يڪجھتي پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم رھندو آھي.
انھي جي ان يقين ۽ نظريي سبب جنرل محمد ضيا الحق جي دور ۾ کيس جيل ۾ اماڻيو ويو ۽ ان تي تشدد بہ ڪيو ويو. پر ڪوبہ ڏاڍ ۽ سختي کيس سچ چوڻ ۽ لکڻ کان توڻي عملي طور سياسي سرگرمين سان جڙيل رھڻ کان روڪي نہ سگھي.
اڄ جگديش انھي لاءِ جدوجھد ڪري رھيو آھي تہ جيئڻ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ھڪ روشن خيال تعليمي نظام جڙي سگھي جيڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنھي لاءِ ھجي. ھوعام ماڻھن جي صحت ۽ تھذيبي سرگرمين سان پنھنجي سنڌو واس آرگنائزيشن ذريعي جڙيل آھي.

غلام نبي آگاڻي

سنڌي مسلمان آھي .. چانورن جي مل ۾ نوڪري ڪندڙ آھي.خان پور ضلحو شڪارپور سان تعلق اٿس. گھڻن ماڻھن وانگر ھي بہ قلندر شھباز،جنھن جي مزار سيوھڻ ۾ آھي ان جو عقيدتمند آھي. 2017 ۾ جڏھن بم ڌماڪو ٿيو ھو تہ مزار جي اندر ان وقت ڪيترائي ماڻھون موجود ھئا .جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ نوي ماڻھن جي وفات ٿي ۽ ٽي سو ماڻھو زخمي ٿيا. ھي بہ اتي موجود ھو ان واقعي سبب سندس بڌڻ جي صلاحيت ختم ٿي. ۽ ھن دوستن کي اکين اڳيان مرندي ڏٺو. اڄ بہ ھو قلندرشھباز جو عقيدتمند آھي ھر سال حاضري لاءِ اتي ويندو آھي. قلندر جي مزار تي اڃا بہ عقيدتمندن جي کوٽ ناھي اڄ بہ ڪيترائي ماڻھو حاضري ڀرڻ لاءِ ويندا رھندا آھن

ٺاڪري ڪشن چند راجواڻي

پاڻ سنڌي ھندو آھي. ھوءَ ان وقت ڇھاسي سالن جي ھئي جڏھن اسان ان سان مليا ھئاسين..ھوءَ نوجوان ھئي جڏھن ملڪ جو ورھاڱو ٿيو ھو. ڪيترن ڏينھن تائين سندس پيءُ پنھنجي سمورن گھرڀاتين کي گھر اندر بند رکيو انھي ڊپ کان تہ متان کين ڪجھہ ٿي نہ وڃي. جڏھن سندس پيءُ کي خبر پئي تہ سندن پاڙيوارو مسلمان انڊيا پيو وڃي تہ ھن پنھنجي ڌيءَ کي ان سان گڏ انڊيا موڪلي ڇڏيو. ان کان پوءِ ٽن ڏينھن جي ريل جو سفر ٺاڪريءَ برقعي ۾ ڪيو. اھا انڊيا پھچي وئي ۽ پنھنجي ڀيڻ سان ملي. ان کان پوءِ سندس شادي ٿي. ھو ھانگ ڪانگ پوءِ تائيوان ۾ رھي.تنھن کان پوءِ ٽيھہ چاليھہ سال کن اسپين ۾ ڪناري آئي لينڊز ۾ رھي، جتي ٻہ ھزار اڻويھ ۾ سندس ديھانت ٿي ويو

دروين ھزاري

پاڻ سنڌي ھندو آھي ۽ ھو يوٽيوبر آھي. ھو الھاس نگر جيڪو بمبئي جي ويجھو آھي اتي پيدا ٿيو ۽ نپنيو.. ھو ڪڏھن بہ سنڌ نہ ويو آھي پر اميد ڪندو آھي تہ ھڪ ڏينھن ھو ماءَ ڌرتي جي مٽيءَ کي ھٿ لائي سگھندو ۽ پنھنجي ڪلچر سان پاڻ کي جوڙي سگھندو. پنھنجي تھذيب جي پاڙن سان جڙيل رھڻ خاطر 2016 ۾ ھن ھڪ يو ٽيوب چينل کوليو جيڪو سنڌي ۾ آھي. جنھن جو نالو آھي سنڌيونظم ان چينل جو ڪم آھي تہ ڪاميڊي وڊيو جي ذريعي سنڌي ٻولي ۽ تھذيب جو چوڏس ڦھلاءُ ڪندي ان کي عام ماڻھن تائين پھچائي سگھي تہ جيئن اھي ڳاٽ اوچو ڪري زندھ رھي سگھن. اڄ سندس وڊيوز ھڪ سو اسي ملڪن ۾ لکين ماڻھون ڏسن ٿا

چندري جو خاندان

چندري ڪولھي قبيلي سان تعلق رکي ٿي. ھي ھندن ۾ ھيٺين درجي جي گھٽ ذات سمجھي ويندي آھي. چندري جو خاندان ٽنگڙين جو ڳوٺ ۾ رھي ٿو جتي مسلمان وڏي تعداد ۾ رھن ٿا. چندري جيڪا ٻارھن سالن جي ڇوڪري ھئي اغوا ٿي ھئي ان کي اسلام قبول ڪرايو ويو ۽ مسلمان ٽنگڙي ذات جي ڇوڪري سان شادي ڪرائي ڇڏي. چندري جي والدين کي ڌي سان ملڻ جي اجازت ناھي. ھو انصاف لاءِ ڪو ساک وارو وڏو وڪيل ڪري ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائي وڙھي سگھڻ جي ھمٿ نہ ٿا ڪري سگھن.. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي اغوا جا ڪيس جيڪي ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ ٿين ٿا ۽ پوءِ زوري مسلمان بنايا وڃن ٿا انھن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندڙ آھي.