اڃان بہ قائم

Directed by Mirko Pincelli

Still Standing

Children,
of the same earth
of the same land
of the same river

اڃا بہ قائم ڊاڪيومينٽري فلم

(اسٽل اسٽڊنگ) ’اڃا بہ قائم‘ اھڙي پھرين ڊاڪيومينٽري فلم آھي جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي زندگي جو اڀياس ڪري ٿي. ان فلم جو ڊائريڪٽر ايوارڊ ماڻيندڙ ميرڪو پنچولي آھي. ۽ پرڊيوس ھانگ ڪانگ، لنڊن ۽ روم ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني ڪيو آھي جنھن جو نالو آھي پنچ ميڊيا فلم.
اچو تہ اسان ھڪ اھڙي سفر جو مشاھدو ڪيون جيڪي ستن ملڪن ۾ ڪيو ويو ۽ ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽن سالن کان مٿي عرصو لڳو. اسٽل اسٽڊنگ سان گڏ توھان ان تلاش جي سفر کي ڏسو جنھن ذريعي سنڌي ڪميونٽي جي زندگي جي ڪھاڻي کي پيش ڪيو ويو آھي. انڊس ويلي تھذيب جو سنڌ ڳڙھہ آھي ان جون پاڙون ٽي ھزار کان پنجن ھزارن تائين آھن. اڄ سنڌ اھو واحد علائقو آھي جنھن جو ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت بہ ورھاڱو نہ ٿي سگھيو ھ

و.

ورھاڱي وقت ٻہ ملين ماڻھو مري ويا ھئا ۽ پندرھہ ملين ماڻھو بي گھر ٿيا ھئا.
انھي دور ۾ سنڌي ھندو پاڪستان ڇڏي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن ويا. ۽ ساڳي طرح سان انڊيا مان مسلمان پاڪستان ۽ خاص طور تي وڏي تعداد ۾ سنڌ آيا.
اوچتو سنڌي ڪميونٽي پاڻ کي اقليت ۾ بدلجندي ڏٺو. ھنن جي ٻوليءَ کي برٽش راڄ جي رھجي ويل اثر ۽ اردو ٻوليءَ ۽ تھذيب ٿورو گھڻو بدلائي ڇڏيو ھو.
اسٽل اسٽڊنگ انھن ماڻھن جي پيرن جي نشانن کي ڳولي ٿو جيڪي اتان لڏي ويا ھئا. ۽ انھن جي بہ ڪھاڻين کي ڳولي ٿوجيڪي سنڌ ۾ رھيا ۽ اڄ بہ مضبوطيءَ سان ھن سرزمين تي سندن پير کتل آھن. خاص طور سيڪيولر ۽ روشن خيال ماڻھون، ھڪ اھڙي مسلسل بدلجندڙ ماحول ۾ رھيل آھن جيڪو آھستہ آھستہ انھن لاءِ مشڪل ٿيندو پيو وڃي.
انھن جي ڪھاڻين جي ذريعي اسٽل اسٽڊنگ اسان کي اھڙي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا قومپرستيءَ جي باري ۾ بہ آھي. ۽ انتھاپرستي جي باري ۾ بہ آھي . ھڪ اھڙي ڌرتي جي باري ۾ آھي جيڪا ڪنھن وقت ۾ ھڪ اھم تھذيب جو، مختلف مذھبن جو، امن سان گڏ رھڻ وارن جو گھر ھو. اھا فلم انھن جي باري ۾ آھي جيڪي اڄ بہ قائم آھن.